الماس سنڌو

الماس سنڌو

الماس سنڌو

الماس سنڌو: ليکڪا ۽ شاعره الماس سنڌوءَ جو اصل نالو الماس بيگم هو، هوءَ حسن خواجه ۽ مائي نوربانوءَ جي ڌيءَ هئي. سندس جنم 16 مئي 1953ع تي سلطان آباد تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم سلطان آباد مان حاصل ڪيائين. انٽر آرٽس ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان ڪرڻ بعد ايل. ايڇ. وي (ليڊي هيلٿ وزيٽرس) جو ڪورس، ڀٽائي نرسنگ اسڪول لطيف آباد، حيدرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ آغا خان هيلٿ سينٽر سلطان آباد ۾ ملازمت ڪيائين. کيس اسڪول واري زماني کان لکڻ پڙهڻ جو شوق هو. سندس والد ۽ والده سنڌي فائينل پاس پرائمري استاد هئا، جن الماس جي پڙهائيءَ ۾ دلچپسپي ورتي ۽ هيءَ سلطان آباد جي پهرين نياڻي هئي، جنهن ايتري تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن وقت سلطان آباد ۾ %100 آبادي پڙهيل لکيل ماڻهن جي آهي. هن مجبور ۽ غريب مريضن جي ڪافي خدمت ڪئي.
هن آگم پبليڪيشن حيدرآباد جي رسالي ۽ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هلال پاڪستان اخبار جي ’سگهڙين سٿ‘ صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو، جتي ڊاڪٽر فهميده حسين (انچارج سگهڙين سٿ) سندس ڪافي رهنمائي ڪئي. هن جو پهرين نظم ’ساروڻيون‘ عنوان سان سگهڙين سٿ جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿيو. سندس ڪهاڻيون ۽ روز مره جون وارداتون ڪالمن جي صورت ۾ هن صفحي ۾ ڇپجنديون هيون. سندس ڪهاڻيون نثار حسينيءَ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالن ’نئين ٽهي‘ ۽ ’نئون نياپو‘ ۾ ڇپجنديون رهيون. هيءَ وڏي سماجي ورڪر هئي. ڳوٺ جي آسپاس جي ڪولهي ۽ ميگهواڙ برادرين جي نياڻين ۽ ڇوڪرن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي، سندن ڪتابن ۽ فين جو بندوبست ڪندي هئي، ان حوالي سان سلطان آباد جي اهم سماجي ڪارڪن هئي.
سندس شادي ڊاڪٽر منظور خواجه سان 20 آڪٽوبر 1980ع تي ٿي پر هڪ مهيني بعد 20 نومبر 1980ع تي آنڊي جي تڪليف (اپينڊڪس) ۾ سندس وفات ٿي وئي. سندس اوچتي وفات خاندان کي وڏو صدمو رسايو. هر سال سندس ورسي ملهائي ويندي آهي. الماس سنڌوءَ جون ڊائريون ۽ ڪافي ڪهاڻيون خاندان وٽ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.05.16  عيسوي

ليکڪا ۽ شاعره الماس سنڌوءَ جو اصل نالو الماس بيگم هو، هوءَ حسن خواجه ۽ مائي نوربانوءَ جي ڌيءَ هئي. سندس جنم 16 مئي 1953ع تي سلطان آباد تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو.


1980.11.20  عيسوي

الماس سنڌو20 نومبر 1980ع تي آنڊي جي تڪليف (اپينڊڪس) سبب سندس وفات ٿي وئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهباز علي ملازم سروري
جيوت سنگهه صوفي
آندل فقير
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
احمد ملاح مولوي
الهه رکيو سانگي
عبدالرحيم گرهوڙي شهيد
پلي خليفو محمد امين درس
دکايل هوندراج
اصغر نديم سيد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون